فيروزوالا ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب فيڪٽري کي باهه، ٻارنهن ڄڻا سڙي فوت، ڪيترائي زخمي

لاهور(م ڊ): فيروزولا جي علائقي ۾ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 12 ماڻهو سڙي فوت ڪيترائي زخمي ٿي پيا.لاهور جي علائقي فيروزولا جي اماميه ڪالوني ويجهو هڪ نجي ڊائننگ فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي، ڏسندي سندي باهه پوري فيڪٽري کي وڪوڙي ڇڏيو، باهه لڳڻ ڪري عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو. باهه سبب سڙي فوت ٿي ويلن ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ماڻهو شامل آهن، جن ۾ 2 ٻارڙا، 2 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن.فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ ڪري فيڪٽري جي ڇت پٽ اچي پئي، باهه سبب آس پاس جون ڪيترين ئي جڳهن جو ڇتيون ۽ ڀتيون ڪري پيون جڏهن ته ڪجهه جڳهن کي ڏار پئجي ويا، واقعي واري هنڌ پوري علائقي کي خالي ڪرايو ويو آهي.خبرن موجب فيڪٽري جي هڪ حصي ۾ مزدور رهائشپزير هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته باهه سلينڊر ڦاٽڻ جي ڪري لڳي. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *