اسلام آباد(م ڊ)وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فوج ۽ عدليه ٻنهي کي پنهنجون حدون پاڻ ڏسڻ گهرجن.سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي ساننس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سياسي پارٽين صحيح فيصلو ڪيو ادارن جي وچ ۾ توازن جي ضرورت آهي.فوج ۽ عدليه ٻنهي کي پنهنجون حدون پاڻ ڏسڻ گهرجن.فواد چوڌري چيو ته فوج جي مخالفت سان ڪوبه سياسي ليڊر نٿو بڻجي سگهي.فوج کان سواءِ اوهان انارڪي ۾ هليا ويندو. ان جي مثال اوهان وچ اوڀر جي ڏسي وٺو.