فوج ۽ آفيسر شاهي جا گهر ۽ گاڏيون بند ڪرڻيون پونديون:معاشي ماهر

ڪراچي ( عوامي آواز نيوز ) معاشي ماهر ۽  اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر نديم الحق چيو آھي تھ  ووٽ اسان جي ملڪ ۾ ڪا اھميت نھ ٿو رکي، سڌريل دنيا ۾ آئيني ترميم کان اڳ ۾ اھا پبلڪ ڪئي ويندي آھي ۽ راءِ ورتي ويندي آھي ھتي تھ ترميم جون ڪاپيون بھ ميمبرن کي نھ مليون ، ملڪ تي چارسئو خاندانن جي حڪومت آھي ،هن چيو ته اسيمبلين جو مدو گهٽ ڪرڻو پوندو،حڪومت ۾  ٻھ ڀيرا صرف اچڻ ڏيو. ٽيون خانداني سياست لاءِ حدون  ھجن. بيورڪريسي کي ھنن کان پري ڪرڻ گھرجي. بيوروڪريسي کي ھنن جو غلام ڇو ھجڻ گھرجي،هن چيو ته   ججن جي باري ۾ وڏن سڌارن  جي ضرورت آھي. اسان وٽ وڏو مسئلو ميرٽ جو آھي. آرمي ۾ ڪجھه حدت تائين ميرٽ آھي. مان تھ چوان ٿو سيڪريٽري جي پگھار 20 لک ھجي، جنرل جي پگھار بھ اھا ئي ھجي. باقي گھر گاڏي وغيرھ نھ ڏيڻ گھرجي. اھا سندن ذاتي ھجڻ گھرجي،هن چيو ته  اسان جو بجلي جو نظام ، گيس جو نظام فرٽيلائزر جو نظام تھ اتي ئي بيٺل آھي  بھتري ناھي . پي ايس ڊي پي کي بند ڪرڻ گھرجي،هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪا حيثيت ناھي اھا صفا ننڍڙي آھي.توھان جا بيوروڪريٽ ۽ جج ڪجهھ ڪرڻ ئي نھ ٿا ڏين فورن ڪيس اچي وڃي ٿو. پاڪستان ايندڙ پندرھن ويھن  سالن ۾ بھ اتي ئي بيٺل ھوندو. آئي ايم ايف جا قرضي ھونداسين. ستر سالن کان ڪا بھ تبديلي نھ آئي آھي. جيڪڏھن ماڻھو چوندا تھ اسان کي رليف يا چيئرٽي نھ کپي ڪم کپي تھ حڪومت مجبور ٿيندي.قوم سوال ڪرڻ لاءِ تيار ناھي پر تاڙيون وڄائڻ لاءِ تيار آھي. بيوروڪريسي جو حل اھو آھي تھ ھي نظام ٽوڙڻو پوندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *