اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فوج ۽ عدليه سان ڳجهي نموني ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، ادارن ۾ رشتا آئين ٺاهيا آهن، سموري ڳالهه ٻولهه سامهون ئي ٿيندي آهي. اسلام آباد ۾ پي ايف يو جي جي وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته فوج ۽ عدليه ملڪي ادارا آهن، سڀني جو مقصد ملڪي بهتري آهي، فوج ۽ عدليه سان ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ادارن ۾ رشتا آئين ٺاهيا آهن، آئين تحت سموري ڳالهه ٻولهه سامهون ٿيندي آهي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف جي وزيراعظم طور نامزدگي پارٽي فورم تي نه ٿي آهي، نواز شريف کيس ميڊيا سان ڳالهين ۾ نامزد ڪيو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ احتساب رڳو سياستدانن جو ئي ٿي رهيو آهي، عدالتي فيصلا اهڙا ٿيڻ گهرجن جن کي تاريخ ۾ ياد رکيو وڃي، هاڻي فيصلا اهڙا ٿي رهيا آهن جن جو تاريخ ۾ شايد مثال نه ڏنو وڃي، ڪنهن کي هڪ ڏينهن ۽ ڪنهن کي وري سموري حياتي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو اهي سڀ عجيب فيصلا آهن. هن چيو ته نگران وزيراعظم لاءِ سٺا نالا ذهن ۾ آهن، آئين تحت اسيمبلي جو مدو ختم ٿيڻ کان هڪ مهينو اڳ مخالف ڌر جي اڳواڻ سان مشورو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته سياست جا فيصلا عدليه نه عوام ۾ ٿيندا آهن، عوام جنهن پارٽي جي حق ۾ فيصلو ڪندو اها حڪومت ٺاهيندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته عام چونڊن ۾ هر اميدوار ڪاميابي لاءِ پنهنجو پنهنجو زور لڳائيندو، اسان تمام گهڻا ڪم ڪيا آهن، تنهن ڪري اسان کي اليڪشن ۾ ڪاميابي جي اميد آهي.