فوج کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا پر دهشت گردي ختم نه ٿي: مولانا فضل الرحمان

انگلينڊ (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته دهشت گردي  جي خاتمي لاءِ فوج کي ڪيترائي اختيار ڏنا ويا پر دهشت گردي  ختم نه ٿي، ويڪفيلڊ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن ته پاڪستان جي امن لاءِ اسان کي متحد ٿيڻو پوندو، دهشت گردي  جي خاتمي واري ايڪٽ ۾ ترميم 26هين آئيني ترميم ۽ جمهوريت جي توهين آهي، ڪنهن کي شڪ جي بنياد تي 90 ڏينهن تائين قيد ۾ رکڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، هن چيو ته اسان محفوظ پاڪستان لاءِ مضبوط فوج جا قائل آهيون، 2010 کان وٺي دهشت گردي  جي خاتمي لاءِ فوج کي ڪيترائي اختيار ڏنا ويا پر دهشت گردي  ختم نه ٿي آهي، هن چيو ته اسلامي نظام جي نفاذ ۽ وياج واري نظام جي خاتمي کانسواءِ پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي، 26هين آئيني ترميم ۾ وياج نظام جي خاتمي کي آئين جو حصو بڻايو ويو آهي، 2028ع کان سمورا ادارا وياج کان پاڪ ٿي ويندا، هن چيو ته آئين اسان سڀني جو آهي، اسان کي ان جو احترام ڪرڻو آهي، جمهوريت ۽ اسلامي نظام جي بقا لاءِ سڄي ملڪ ۾ تحريڪ جاري رکنداسين، والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت جي يو آءِ سربراهه چيو ته ڪشميرين کي آزادي لاءِ پنهنجي جنگ وڙهڻي پوندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *