پشاور (م ڊ) اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فوج دفاعي ادارو آهي، ان جو احترام ڪيون ٿا پر سياست ۾ مداخلت ٿيندي ته تنقيد به ڪئي ويندي ۽ نالو به ورتو ويندو.پشاور ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي فضل الرحمان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ماءُ جي لاڏاڻي تي متاثر خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي.هن چيو ته هن اسٽيج تان جسٽس وقار سيٺ ۽ علامه خادم حسين رضوي جي لاڏاڻي تي به افسوس ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو.جي يو آءِ امير چيو ته اسان اڳ ئي چئي چڪا آهيون ته چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، سڀني سياسي جماعتن چونڊن ۾ ڌانڌلي تي اتفاق ڪيو هو، جلسن سان حڪمران وائڙا ٿي ويا آهن، اسان جنگ جو اعلان ڪري چڪا آهيون ۽ هاڻ پوئتي هٽڻ وڏو ڏوهه آهي.سندس چوڻ هو ته اسان جو موقف واضح آهي ڌانڌلي ٿي آهي، ڌانڌلي ڪئي وئي آهي، اڻڄاتل سڀني کي ڄاتل آهن، اسان فوج جو احترام ڪيون ٿا، فوج دفاعي ادارو آهي پر سياست ۾ مداخلت ٿيندي ته تنقيد به ڪئي ويندي ۽ نالو به ورتو ويندو.فضل الرحمان چيو ته توهان ڌانڌلي ڪيو اهو ڏوهه ناهي، اسان ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪيون ته اختلاف نه ڪيو پر توهان کي برداشت ڪرڻو پوندو، توهان ٻن سالن ۾ معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.