فوج جي نگرانيءَ ۾ به چونڊن تي سوال اُٿيا ته تباهي اچي ويندي: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته هن ڀيري چونڊون فوج جي نگراني ۾ ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن هاڻ به چونڊن تي سوال اٿيا ته تباهي اچي ويندي. سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسٽيبلشمينٽ خطرناڪ راند کيڏي رهي آهي، اسٽيبلشمينٽ کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي حڪومت نه ملڪ ۾ جمهوريت گهرجي، اسان کان سوال ڪيو پيو وڃي ته ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪراياسين؟ ضياءُ الحق ۽ مشرف سان گڏ رهندڙ ڇا ڪيو، اهو به ته پڇو. سندس چوڻ هو ته عمران خان ڪرپٽ ماڻهن کي پارٽي ۾ نه آڻڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر هن 60 سيڪڙو سيٽون ٻين پارٽين جي ماڻهن کي ڏنيون، سندس يوٽرن سان اسان جو مٿو چڪرائجي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *