فوج جو ڪنهن اين آر او سان ڪو واسطو ناهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته فوج جو ملڪي سياست جي ڪنهن به ان آر او سان ڪو واسطو ناهي. جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته باجوا ڊاڪٽرائن جيڪڏهن آهي ته اها خانگي ٽي وي چئنل جي ڏنل هڪ پروگرام موجب پاڪستان ۾ امن جي بحالي جي حوالي سان آهي، جيڪڏهن پاڪستان خطي ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو هجي ها ته آمريڪا سپر پاور نه هجي ها. هن چيو ته پاڪستان جو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نه رڳو جاني پر مالي نقصان به ٿيو، ان جي بحالي لاءِ معاشي سرگرمين جي گهرج آهي. لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته 2018ع جي شروعات واري صورتحال 2017ع کان گهڻي مختلف آهي، ڀارت طرفان ڪيترائي ڀيرا سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي شهرين جو حياتيون کسجي ويون، جيڪڏهن ڀارت طرفان ڪا ڌمڪي ايندي آهي ته سڄو پاڪستان هڪ ٿي ويندو آهي، ڀلي اهو هڪ عام ماڻهو هجي يا ڪنهن سيڪيورٽي فورس جو اهلڪار هجي، پاڪ فوج ڀارت خلاف ڪنهن به جارحيت لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار آهي، قوم کي پاڪستان جي طاقت تي يقين ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪ فوج جي سربراهه طرفان ايران جي دوري کانپوءِ بلوچستان صوبي ۾ سرحد تي سيڪيورٽي ۽ اندرين سيڪيورٽي جا معاملا بهتر ٿيا، پاڪستان جو سعودي عرب سان سيڪيورٽي سهڪار جو معاهدو آهي ۽ ان لاءِ پاڪ فوج جا دستا رياض روانا ٿيندا. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته 2018ع جو ڪراچي 2013ع کان گهڻو مختلف آهي، ڪراچي ۾ شٽرڊائون هڙتالن جو نالو نشان ختم ٿي ويو آهي ۽ معاشي سرگرميون بهتر ٿي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته گذريل هڪ سال ۾ سيڪيورٽي ادارن وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، جن جا اثر سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڳجهن ادارن جي محنت نه هجي ها ته امن قائم نه ٿئي ها، سيڪيورٽي ادارن 7 وڏا دهشتگرد نيٽ ورڪ ختم ڪيا ۽ ان عرصي ۾ 16 آپگهاتي بمبار گرفتار ڪيا ويا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان هڪ ذميوار قوم آهيون، يوم پاڪستان جي پريڊ دوران ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي پنهنجي تهذيبي ۽ اخلاقي صفت کي سامهون رکندي دعوت ڏني وئي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جي ڪردار کي هاڪاري انداز ۾ ڏٺو وڃي، پاڪستان جي سدائين اها ڪوشش رهي آهي ته خطي ۾ امن هجي. پاڪستان سپر ليگ جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته گذريل هفتو اسان لاءِ ڏاڍو اهم هو، جنهن ۾ پي ايس ايل فائنل ۽ اسلام آباد ۾ 23 مارچ لاءِ پريڊ ٿيڻي هئي، اهي ٻئي ايونٽ بهترين انداز ۾ گذري ويا، جنهن لاءِ پوليس ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *