اسلام آباد (بيورو): پيپلز پارٽي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته فوجي عدالتن جي مدت ۾ واڌ تي اتفاق ٿيو آهي، ان معاملي تي اسان کي خدشا هئا، جيڪي ختم ٿي ويا، اسان جي نڪتن کي تسليم ڪيو ويو آهي، اعتزاز احسن چيو ته بلاول نيشنل سڪيورٽي ڪميٽي جي تجويز ڏني وئي، اميد ٿا ڪريون ته ڪميٽي بڻجندي ته بلاول جي مطالبي موجب هوندي، اعتزاز احسن چيو ته فوجي عدالتن جي مدت ۾ 2 سال واڌ تي راضي اهيون، عبارت طئي ٿي چڪي اهي، ان کي ايڪٽ ۾ تبديل ڪرڻو آهي، مسودي کي سومر ڏهاڙي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، ملٽري ڪورٽس ۾ سيشن ججز جي لاءِ اسان زور نه ڀريو.