ڪراچي( م ڊ ) اطلاعات ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي واري وزير صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته فواد چوڌري کي پنهنجي قد کان وڌيڪ ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن. هڪ بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد ڪري فواد چوڌري پنهنجي نوڪري پڪي ڪري رهيو آهي پر هو ڄاڻي وٺي ته سندس نوڪري پڪي ٿيڻ واري ناهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي مضبوطي جي سموري ملڪ واکاڻ ڪئي آهي، فواد چوڌري سياسي يتيمن جو باجو آهي، هو واويلا جي باني گوئبلز جو حقيقي جانشين ثابت ٿي چڪو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته فواد چوڌري سياسي فاشزم جو هارن بڻجي چڪو آهي، تحريڪ انصاف جو هر ليڊر پنهنجي پارٽي قائد جو شيرو بنجڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري کي ڪجهه چوڻ کان اڳ فواد چوڌري کي پنهنجو ماضي ياد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ جي صبر جو پئماني لبريز ٿي چڪو آهي، خرم شير زمان پنهنجي سياسي حيثيت کان وڌي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، چنڊ تي ٿڪيل پنهنجي منهن تي ئي ڪرندو آهي.