فواد چوڌري نيب ۽ ايف آءِ اي کي ضم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) وفاقي وزير فواد چوڌري قومي احتساب بيورو(نيب) ۽ وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) کي ضم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ٽوئٽر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٻين ملڪن ۾ وفاقي سطح تي صرف هڪ مرڪزي جاچ ايجنسي ئي هوندي آهي جيئن آمريڪا ۾ فيڊرل  بيورو آف انويسٽيگيشن(ايف بي آءِ)  ڀارت ۾ سينٽرل بيورو آف انويسٽيگيشن(سي بي آءِ) آهن. فواد چوڌري چيو ته اسان کي ايف آءِ اي ۽ نيب کي ضم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پر ان کان اڳ حڪومت ۽ اپوزيشن کي ڳالهين جي ذريعي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻو پوندو ته ڪهڙي طرح هن ايجنسي جي طريقيڪار کي پراعتماد  بنايو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *