ڪراچي( م ڊ ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف کي سنڌ جي خدمت جو ايترو شوق آهي ته فوري طور صوبي جي عوام جا جائز آئيني مطالبا پورا ڪري. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ جي عوام کي 90 ارب رپيه وفاقي حڪومت کي ڏيڻا آهن پر اها نه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي 70 سيڪڙو گئس سنڌ مان نڪري ٿي پر سنڌ جي عوام کي گئس کان محروم ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي سرڪار ناڪام آهي، ڳالهيون گهٽ ۽ ڪم وڌيڪ ڪيو وڃي، کين اقتدار سازشون ڪرڻ، ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ نه مليو آهي، هو پنهنجا مفت ۽ فضول مشورا پاڻ وٽ رکي. مرتضيٰ وهاب چيو ته غريبن کي خوبصورت خواب ڏيکاريا ويا پر ڪجهه مهينن ۾ رڳو يوٽرن ورتا ويا آهن، عوام جي خدمت نه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي خامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ وڏي وزير جي استعيفيٰ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، سازشن باوجود سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي، جيڪا هڪ منظم پارٽي آهي ۽ قيادت سان گڏ آهي.