فواد چوڌري سنڌ کي ذاتي جاگير نه سمجهي؛ بئريسٽر مرتضٰي وهاب

ڪراچي(پ ر) وزيراعلٰي سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته سنڌ کي غير آئيني طريقي سان فتح ڪرڻ ٻلي کي خواب ۾ ڇڇڙا نظر اچڻ جي برابر آهي فواد چوڌري سنڌ کي ذاتي جاگير نه سمجهي گهڻو جلد هو ڪنهن ٻي جماعت ۾ هوندو ڇو ته عوام ان جي باري ۾ سٺي ريت واقف آهي پنهنجي بيان ۾ بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي آئيني و جمهوري حڪومت سياسي يتيمن سان دلي همدردي رکندي آهي ۽ عوام جي رد ڪيل ماڻهن کي تحريڪ انصاف غلطي سان سياسي قوت سمجهندي آهي صلاحڪار اطلاعات وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ غير سياسي ماڻهن سان تحريڪ انصاف جون قربتون ان جي مائينڊ سيٽ جو آئينه دار آهن هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي چونڊيل جماعت آهي سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪرڻ وارا خيالي پلاءُ پچائيندا آهن صلاحڪار اطلاعات مرتضٰي وهاب تحريڪ انصاف جي قائدين جي حوالي سان چيو ته هو آئين ۽ 18 ترميم جو مطالعو ڪن ته انهن جي سياسي سوچ ويچار ۾ اظافو ٿيندو بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته تحريڪ انصاف پاڻ فساد جو شڪار آهي ۽ انهن جي صفن ۾ بي چيني ۽ اضطراب ڏٺو وڃي ٿو. اگر وڌيڪ چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف پنهنجيون باقي سيٽن تان هٿ ڌوئي وهندي ڇو ته هلندڙ ضمني ۽ بلدياتي چونڊن جا نتيجا سڀن جي سامهون آهن هن چيو ته بلاول بٽو زرداري عوام جي آواز آهي پيپلزپارٽي کي ڪريل حرڪتن سان دبائي نه ٿو سگهجي اڄ پيپلزپارٽي کي ختم ڪرڻ جون اڳڪٿيون غلط ثابت ٿي رهيون آهن هن چيو ته تحريڪ انصاف نه پر اها تحريڪ انتقام آهي وفاقي حڪومت کي پنهنجي پاليسين تي غور ڪرڻ گهرجي ڇو ته تحريڪ انتقام جي ڪارڻ ملڪ ۾ ڪاروبار شديد متاثر آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *