فواد چوڌري ذاتي بنيادن تي بلاول ڀٽو زرداري تي الزام هڻي رهيو آهي؛مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قانون بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته فواد چوڌري ذاتي بنيادن تي بلاول ڀٽو زرداري تي الزام هڻي رهيو آهي. وفاقي وزير جي بيان تي ردعمل ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پ پ چيئرمين سڄي پاڪستان جي تحفظ جو علم بلند ڪري رهيو آهي، ملڪ جون سموريون محب وطن سياسي قوتون تحريڪ انصاف مان بيزار آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ بچايو ايجنڊا تي هلي رهي آهي، جيڪا فواد چوڌري کي نٿي وڻي. سندس چوڻ هو ته فواد چوڌري پنهنجي گفتگو ۾ تهذيب ۽ شعور وساري چڪو آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري هر محب وطن پاڪستان جي دل جو آواز بڻجي چڪو آهي، فواد چوڌري جي نوڪري هاڻ ڪجهه ڏينهن وڃي بچي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *