فواد چوڌري حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير جي قانون ۽ اينٽي ڪرپشن جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته فواد چوڌري روينيو بابت ڪجهه نٿو ڄاڻي، کيس گهرجي ته انگ اکرن جي ڄاڻ سکڻ جي ڪوشش ڪري. صوبائي صلاحڪار فواد چوڌري پاران سنڌ کي 10 سالن ۾ 75 هزار ڪروڙ ڏيڻ واري بيان کي کل جوڳو قرار ڏنو آهي، سندس بيانن مان لڳي ٿو ته فواد چوڌري کي روينيو جي معاملن بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي، هن چيو ته وفاق سنڌ کي 75 هزار نه پر 39 هزار ڪروڙ رپيا ڏنا آهن ۽ هي رقم سنڌ تي ڪو احسان نه ڪيو آهي پر اهو سنڌ جو جائز حق آهي، هن چيو ته وفاق کي سنڌ کي 50 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻي آهي، مهرباني ڪري فواد چوڌري صاحب سنڌ جي جائز فنڊ جي رقم ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته فواد چوڌري سان وفاقي بيروڪريسي ملهه ڪئي آهي ۽ موصوف سنڌ جا حق ڦٻائڻ سان گڏ مهڻا به ڏئي رهيو آهي، ڪوڙا ۽ من گهڙت بيان ڏئي سنڌ جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *