فنڪشنل ليگ خلاف هزارين جيالن جو نواب وساڻ جي اڳواڻي ۾ شاهه حسين باءِ پاس تي ڌرڻو،ٽريفڪ معطل،راشد شاهه تي ايف آءِ آر داخل

خيرپور  ( بيورو رپورٽ: شاهدنواز سيال ۽ فرحان ميتلو ) پ پ اين اي 210 جي اميدوار سيد جاويد علي شاه جيلاني ۽ پي ايس 32 جي اميدوار نواب خان وساڻ جي حمايت ۾ خيرپور کان سوين گاڏين جي قافلي واري ريلي پريالوء کان ٿيندي جڏهن ڪينگري گيٽ وٽ پهتي ته نامعلوم ماڻهن  پ پ ڪارڪنن جي ريليء مٿان پٿرن، ڏنڊن ، سروٽن، لوهي سرين سان آزادانه استعمال ڪيو،جنهن بابت پ پ ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته نامعلوم جوابدار جي ڊي اي ۽ ف ليگ جا ڪارڪن آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 14 کان وڌيڪ پ پ ڪارڪنن جا ماڻهون زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ ويگو ۽ 7 کان وڌيڪ گاڏين جا شيشا ٽوڙي  شديد نقصان پهچايو ويو، اهڙي عمل خلاف هزارين  پ پ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سيد جاويد علي شاه جيلاني ، نواب خان وساڻ جي اڳواڻي ۾ شاه حسين باء پاس نيشنل هاء وي  روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي،  ٻن ڪلاڪن کانپوء ايس ايس پي خيرپور فداحسين مستوئي، ڊي سي خيرپور عبدالفتاح ، شهباز رينجرس ونگ ڪمانڊر ضياءُ الدين ملهي وچ ۾ ڳالهيون ذريعي پ پ اڳواڻن ، ڪارڪنن کي انصاف جي يقين دهاني ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *