اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته فليٽ ٻارن جي نالن تي آهن ان ڪري جواب مريم نواز ڏئي ته دولت ڪٿان آئي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ٿيڻ گهرجي ۽ تڪرار ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ هو ته مريم نواز پارٽي سربراهه بڻي ته پارٽي جو حصو نه بڻجندس، اميد آهي، مون پنهنجي خاندان جي ڪنهن به فرد لاءِ ميان صاحب کان ڪجهه به ناهي گهريو. هن چيو ته هتي ڪارڪردگي ڪير به ناهي ڏسندو سٺي ڪم جي ڪا به قدر ناهي. ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ بابت سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار جو چوڻ هو تگه ڪنهن جي ٽڪيٽ جو محتاج ناهيان پر اليڪشن ڪيئن وڙهان ان بابت ڪجهه به ناهي سوچيو. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف کي عدالتي فيصلي تي خدشا آهن ته قانوني رستو اختيار ڪري، نواز شريف کي ڪڏهن به ڪرپشن ڪندي ناهي ڏٺو ۽ جيڪڏهن کيس ڪرپشن ڪندي ڏسان هان ته هن سان گڏ نه هجان ها.