لکنئو (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ريٿڪ روشن چيو آهي ته فلمن جي ناڪاميءَ تي مون کي مايوسي ناهي ٿيندي، ڇو ته مان پنهنجي غلطين مان سکندو آهيان. پنهنجي هڪ بيان ۾ ريٿڪ روشن جو چوڻ هو ته حياتيءَ ۾ پئسي جو اهم ڪردار هوندو آهي پر رڳو پئسو ئي هر شئي ناهي هوندو، ڪاميابيءَ لاءِ سدائين صبر سان اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته فلمي ڪُٽنب سان لاڳاپو هجڻ سبب مون کي فلمون ته ملي وينديون آهن پر ذهنيت نه هجي ته اڳتي وڌڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي.