جنيوا(م ڊ) فصل مان ڄاريون، گاهه گند ۽ ٻيون جڙي ٻوٽيون نه هٽايون وڃن ته ان فصل کي سخت نقصان رسندو آهي پر هاڻي هي ڪم روبوٽ حوالي ڪيو ويو آهي.
سوئٽزرلينڊ جي هڪ ڪمپني ايڪوروبوٽڪس هٿرادو ذهانت مان متاثر ٿي دنيا جو موثر ترين روبوٽ تيار ڪيو آهي، جنهن کي سمارٽ فون به ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. ان روبوٽ سان پوري دنيا ۾ گاهه، جڙي ٻوٽين ۽ ٻين فالتو ڦٽندڙ شين کي ڪنهن دوا جي استعمال کانسواءِ صاف ڪري سگهجي ٿو.
هي روبوٽ ننڍي ميز جيان نظر اچي ٿو، جنهن مٿان شمسي سيل لڳل آهن، ان جي ڊگهي چيلهه تي هڪ ڪئميرا لڳل آهن. هي مشين لڳاتار 12 ڪلاڪ ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي سمارٽ فون وسيلي به قابو ڪري سگهجي ٿو.