فصلن کي پهچندڙ نقصانن جو سروي ڪرايو وڃي:وزيراعليٰ سنڌ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران وفاقي پلانٽ پروٽيڪشن ڊپارٽمنٽ کي رڻ پٽ وارن علائقن ۾ ٽڊين جي رهائشگاهه تي فضائي اسپري ڪرڻ لاءِ 3 ايئر ڪرافٽس، فيول ۽ ڪيڙي مار دوائن جو بندوبست ڪرڻ لاءِ 10 ملين رپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اهو فيصلو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه، سينئر صلاحڪار نثار کهڙو، صوبائي وزير زراعت اسماعيل راهو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جماو ابڙو، سيڪريٽري زراعت آغا ظهير الدين، ڊي جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن هدايت الله، وفاقي حڪومت جي پلانٽ پروٽيڪشن واري ڊي جي فلڪ ناز  ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ٽڊين 11 ضلعن ۾ تيار فصلن کي گهڻو نقصان پهچايو آهي جيڪڏهن وفاقي حڪومت جو ادارو پلانٽ پروٽيڪشن وقت تي اسپري ڪري ها ته نقصان تي ضابطو ڪري سگهجي پيو. هن زراعت کاتي کي هدايت ڪئي ته فصلن کي پهچندڙ نقصانن جو سروي ڪرايو وڃي.  زراعت بابت صوبائي وزير اسماعيل راهو وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ريگستاني ٽڊيون سڀ کان پهرين خيرپور جي نارا ٻيٽ ۾ 13 مئي 2019 تي نظر  آيون هيون جيڪو انڊيا وٽان آيون هيون. هن چيو ته ڊگهي چوماسي واري موسم ڪارڻ ٽڊين ريگستاني علائقن ۾ بيضا ڏنا ۽ انهن مان نڪرندڙ ٽڊين رڻ پٽ وارن علائقن ۾ تباهي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هارين کي سخت نقصان پهتو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ٽڊين جا لشڪر ڪيترن ئي ضلعن ۾ لڌا ويا جنهن جي نتيجي ۾ تيار فصلن کي سخت نقصان پهتو.  واضح رهي ته وفاقي پلانٽ پروٽيڪشن واري کاتي کي ٻڌايو ويو هو ته هو نارا جي ٻيٽ ۾ ڪنٽرول آپريشن شروع ڪري. وفاقي پلانٽ پروٽيڪشن جي اداري ڪنٽرول آپريشن شروع ڪري ڇڏو هو پر کين مالي ڏکائين ۽ ٻين سببن وگهي ڪنٽرول پروگرام مناسب طريقي سان شروع نه ٿي سگهيو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ضلعي سکر جو صالح پٽ، خيرپور جو نارا ٻيٽ، گهوٽڪي جو رڻ پٽ، ٿر جا ريگستاني علائقا مثال طور ڇاڇرو، ڏاهلي، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، اڇڙو ٿر، سانگهڙ، عمرڪوٽ جو رڻ پٽ، شهيد بينظير آباد جو تعلقو دوڙ جو گنگو ٿر شامل آهن.  زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته کاتي مختلف متاثر ٿيندڙ علائقن 247،297 ايڪڙ ۾ ڦوهارو ڪرايو جيڪو 319.695 ملين رپين جي فنڊز سان ڪرايو ويو جيڪي وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر کي ڏنا. وڏي پلانٽ پروٽيڪشن بابت وفاقي وزير جي ڊائريڪٽر جنرل کي چيو ته اهي ڪيترا ايئر ڪرافٽس استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته کين سنڌ ۾ هڪ هيلي ڪاپٽر آهي جنهن کي فيول ۽ ڪيڙي مار دوائون جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته جيڪر ان جي فنڊز جا مسئلا حل ڪيا وڃن ته هو 3 هيلي ڪاپٽر جو بندوسبت ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن انهن لاءِ فيول ۽ ڪيڙي مار دوائون جو بندوبست ڪيو وڃي ته هو وڌيڪ 2 هيلي ڪاپٽر جو انتظام ڪري سگهن ٿا. جنهن تي وڏي وزير ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي کي جلد 10 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن وفاقي حڪومت جو ادارو پلانٽ پروٽيڪشن صوبائي زراعت کاتي سان گڏجي آپريشن شروع ڪري سگهي. هن چيو ته زمين ڪڻڪ جي فصل لاءِ تيار ڪئي وئي آهي ۽ هلندڙ مهيني جي آخر تائين لڻائي به شروع ٿي ويندي. جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته سڄي جو سڄو فصل ٽڊيون کائي وينديون. هن چيو آپريشن ايندڙ 4 ڏينهن اندر لازمي طور شروع ڪيو وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو ريگستاني علائقن ۾ ٽڊين جي خلاف آپريشن جي مانيٽرنگ ڪن ۽ ضلعي انتظاميا ، زراعت کاتو ۽ وفاقي ادارو پلانٽ پروٽيڪشن وچ ۾ ويجها رابطا رکيا وڃن ته جيئن اهو ڪم گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ٿي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *