فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ اربين روپيا ڪرپشن جو انڪشاف، چيئرمين خلاف پٽيشن داخل

ڪراچي(رپورٽ؛نظير ميمڻ)  فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ڪرپشن جو هڪ وڏو اسڪينڊل سامهون اچي ويو، ڪرپٽ انتظاميا پئسا کائڻ لاءِ الله جي گهر کي به بخش نه ڪيو مسجد جي هڪ مينار جو خرچ اڍائي ڪروڙ ۽ جنريٽر وري ٻن ڪروڙ روپين ۾ خريد ڪرڻ جو انڪساف ٿيو آهي پگهارن جي بجيٽ مان به ماهوار 12 ڪروڙ روپيا واڳن جي وات ۾ هليا وڃن ٿا، درخواستگذار سوسائٽي چيئرمين جي خلاف اڇو چٺو کڻي عدالت پهچي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ چيئرمين عبدالبر  ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو.  تفصيل موجب ايڊوڪيٽ اڪبر جتوئي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرمين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته  چيئرمين عبدالبر هرمهيني 12 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪري سوسائٽي کي تباهه ڪري رهيو آهي. درخواستگذار موجب سوسائٽي جي ماهوار آمدني ساڍا 14 ڪروڙ آهي جنهن مان صرف مان 2 ڪروڙ 80 لک پگهارن جي مد ۾ خرچ اچن ٿا جڏهن ته 12 ڪروڙ روپين جي وڏي رقم سڌي ۽ اڻسڌي طرح چيئرمين عبدالبر پاڻ ڦٻائي رهيو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سوسائٽي جي مسجد لاءِ جوڙيل مينار جو ٺيڪو 30 لک روپين ۾ ڏنو ويو پر ان جو ڪاغذن ۾ خرچ اڍائي ڪروڙ ڏيکاريو ويو. درخواست ۾سوسائٽي جي چيئرمين تي الزام لڳايو ته 18 لک روپين ۾ خريد ڪيل جنريٽر جي قيمت پڻ ريڪارڊ ۾ 2 ڪروڙ روپيا ڏيکاري وئي آهي. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٽئڪس کان بچڻ لاءِ روزاني جي بنياد ايندڙ 14 ڪروڙ روپين جي مڇي جي ماليت صرف 4 ڪروڙ ڏيکاري قومي خزاني کي روزانو 10 ڪروڙ روپين جو نقصان پهچايو پيو وڃي جڏهن ته گند ڪچري کڻڻ وارو ماهوار 18 لک روپين جو ٺيڪو به 2 ڪروڙ ڪميشن عيوض 60 لکن عيوض ڏنو ويو آهي. عدالت اهڙي درخواست تي چيئرمين عبدالبر سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ٻڌڻي خميس تي ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *