فريال ٽالپر ۽ سنڌ جو وڏو وزير عذير بلوچ سان ملاقاتون ڪندا هئا:برگيڊيئر (ر) باسط شجاع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي سيڪٽر ڪمانڊر سنڌ رينجرز برگيڊيئر رٽائرد باسط شجاع چيو آهي ته پ پ پ اڳواڻن سان عذير بلوچ سان رابطا هئا فريال تالپر ۽ سنڌ جو وڏو وزير عذير بلوچ سان ملاقاتون ڪندا هئا هڪٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ذوالفقار مرزا لياري گينگ وار جو ساٿ ڏنو هو 2013 ۾ آپريشن ۾ گيگيسٽر ثابت باڪسر مارڪي ويو ته قادر پٽيل ان کان پوءِ سنڌ رينجرز جو گهيرو ڪيو هو آپريشبن ۾ گيگيسٽر مارجي ويو ۽ قادر پٽيل لاش رکي احتجاج ڪيو ان ٻڌايو ته قادر پٽيل ۽ لياري جي ماڻهن شاهره تي لاش رکي بند ڪري ڇڏيو هو لياري آپريشن ۾ ڪيترائي ماڻهو ڀڄي ويا ۽ پڪڙيا ويا ڪراچي جي ڏوهن ۾ سياسي ڪٺجوڙ ڪنهن کان ڳجهي نه آهي ڪراچي ۾ سمورين پابندي پيل تنظيمن جا ماڻهو سياسي تنظيمن سان سلهاڙيل هوندا هئا. باسط شجاع مطابق عذير بلوچ پاڻ مڃيو ته هو آفيسرن جون بدليون ڪرائيندو هو عذير بلوچ تي ڪجهه سياسي ماڻهو تحفظ ڏيئي رهيا هئا ۽ ڪجهه سياسي ماڻهن جي مدد سان هو ملڪ مان ڀڄي ويو هو هنچيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ 2016 ۾ مڪمل ٿي ويئي هئي جنهن کي 2020 تائين ڳجهو رکيو ويو 2018 کان جي آءِ ٽي رپورٽ کي پبلڪ نه ڪيو ويو پر هاڻي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کان پوءِ پبلڪ ٿي هن وڌيڪ چيو ته نيٽو جو اسلحو به لياري ۾ ويو هن علائقي ۾ وافر مقدار ۾ هٿيار جمع ڪرايا ويا هئا ايم 16 رائيفلز مان پاڻ لياري مان هٿ ڪئي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *