اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڊي آءِ خان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ تي ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته فرقيواراڻي قتل جي خاتمي لاءِ خاص بندوبست ناهن ڪيا ويا. سپريم ڪورٽ ۾ ڊيرا اسماعيل خان ۾ فرقيواراڻي قتل بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. خيبرپختونخواهه حڪومت جي سرڪاري وڪيل چيو آهي ته قتل وارن واقعن جي خاتمي لاءِ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي آهي. شرپسند عنصرن جي خلاف سرچ آپريشن ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڊي آءِ خان ۾ فرقيواراڻي قتل جي خاتمي لاءِ ڪي به خاص بندوبست ناهن ڪياويا، چيف سيڪريٽري رپورٽ ڏئي ته مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي؟ عدالت آءِ جي جي رپورٽ رد ڪندي چيو ته لڳي ٿو ته ڪنهن سيڪشن آفيسر آفيس ۾ ويهي رپورٽ تيار ڪئي آهي. درخواستگذار سيد وسعت الله حسن ٻڌايو ته قتل جي ايف آءِ آر داخل ٿي آهي پر ڪو به ذميوار پڪڙيو ناهي ويو، علائقي ۾ الياس گروپ ۽ عرفان گروپ دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته حڪومت کي چئو ته مسئلي جي حل لاءِ مناسب منصوبو بڻائي، امن کي ڪنٽرول ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي.