فردوس عاشق اعواڻ ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڄاڻائي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سياسي مخالف ڀڄڻ جي ڪوشش  ۾ آهن.ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عوام پاڪستان تحريڪ انصاف کي مينڊيٽ ڏنو آهي. اتحادين سان ملي عوام جا مسئلا حل ڪنداسين.رپورٽ موجب سُڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو طرفان متحده کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي ٿيل آڇ جي ردعمل ۾ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪيو.بيان ۾ وفاقي حڪومت جي ترجمان ڪراچي ۽ سنڌ کي ڌار ڄاڻائيندي چيو آهي ته ڪراچي جو اصل مسئلو ڏهاڪي کان سنڌ تي مڙهيل ڪرپٽ ٽولو آهي، جيستائين اُهو هوندو، تيستائين سنڌ ۽ ڪراچي جي قسمت تبديل نه ٿيندي.بلاول صاحب! ڪراچي جو مسئلو سياسي جماعتن جا اتحاد ٽوڙڻ سان نه، پر ڪرپشن ۽ ڦرلٽ سان اتحاد ٽوڙڻ جي صورت ۾ حل ٿيندو.هُن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف کي عوام مينڊيٽ ڏنو آھي، اتحادين سان گڏجي عوام جا مسئلا حل ڪنداسين، سياسي ۽ عوامي ميدان ۾ ناڪام ٿيڻ بعد سياسي مخالف چور دروازو ڳولي رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *