ڪراچي(م ڊ) ڪرپشن بابت صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي تي تنقيد کان پهريان اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي پنهنجي وفاقي ۽ ڪي پي حڪومت جي ڪارڪردگي تي غور ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا رهنما سنڌ ڌرتي سان ايترا .ئي سچا آهن ته وفاق پاران سنڌ جا روڪيل 116 ارب روپيا ڏيارڻ لاءِ آواز ڇو نه اٿاريندا آهن. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ جا روڪيل فنڊزجي ڳالهه ڪرڻ ۾ فردوس شميم نقوي جي زبان بند ٿي ويندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي ترقيءَ ڪا رڪاوٽ آهي ته اها فردوس شميم نقوي جي وفاقي حڪومت آهي. هن چيو ته ٻين تي الزام هڻڻ پي ٽي آءِ جو پراڻو ڪم آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته فردوس شميم نقوي ڪيترا به الزام هڻي پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي ترجماني ۽ خدمت ڪندي رهندي.