اسلام آباد (بيورو): اڳوڻي صدر آصف زرداري سان قومي اسيمبلي ۾ فاٽا ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي آهي، آصف زرداري وفد کي فاٽا سڌارن تي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي، آصف زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي فاٽ کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ جي حامي آهي، آصف زرداري چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت جو رواج ايڪٽ رد ڪري ٿي، فاٽا ميمبرن اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ته پيپلز پارٽي ڀرپور شرڪت ڪندي، فاٽا ميمبرن جيڪڏهن ڌرڻو رمضان ۾ هنيو ته مان پاڻ افطاري ڏيندس.