فاٽا سڌارن ۾ تبديلي ڪئي وئي ته 12 مارچ جي ڊيڊ لائين برقرار آهي: اسفند يار ولي

اسلام آباد(بيورو) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفنديار ولي چيو آهي ته شڪر آهي ميان صاحب همت ڪري فاٽا سڌارا ڪابينا جي ايجنڊي ۾ آندا، پر ٻاهران فيصلا ڇو ٿي رهيا آهن، فاٽا جي چونڊيل نمائندن جو حق آهي ته ه پنهنجو فيصلو پاڻ ڪن.  اي اين پي جي سربراهه اسفنديار ولي فاٽا ميمبرن سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اميد آهي ته ڪابينا فاٽا سڌارن جي سفارشن تي رپورٽ جي منظوري ڏيندي. ڪابينا فاٽا سڌارا موجوده صورت ۾ منظور ڪيا ته ميمبر فاٽا سان ڳالهيون ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته فاٽا سڌارن ۾ تبديلي ڪئي وئي ته 12 مارچ جي ڊيڊ لائين برقرار آهي. ملڪ ۾ پهرين ئي گهڻو بحران آهي، اميد آهي ته ميان صاحب نئون بحران پيدا نه ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *