اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقي فاٽا ۾ لاڳو ايف سي آر قانون ايڏو ڀلو آهي ته ان کي سڄي پاڪستان ۾ لاڳو ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جي حوالي سان پشاور کان اسلام آباد تائين ڪڍيل لانگ مارچ وفاقي راڄڌاني پهچڻ تي ڪيو. لانگ مارچ اسلام آباد جي جناح اوينيو تي چائنا چوڪ پهتو، جتي جلسو ڪيو ويو. ان موقعي تي سراج الحق ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سميت ٻين اڳواڻن به شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو. خطاب دوران سراج الحق حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ايف سي آر قانون ايڏو ڀلو آهي ته اهو سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو وڃي، فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي هن چيو ته حڪومت چاهي ٿي قبائلي عوام پاڻ ۾ وڙهي، گذريل 70 ورهين کان وٺي ظالم حڪمران قبائلين کي پاڻ ۾ وڙهائي رهيا آهن، جيڪڏهن هاڻ به فاٽا جي عوام کي حق نه ڏنا ويا ته پوءِ حڪمرانن جي ڳچي پڪڙينداسين، اسان پارليامينٽ مان اهو ئي قانون چاهيون ٿا، جيڪو سڄي ملڪ ۾ لاڳو آهي. خورشيد شاهه چيو ته پ پ هر صورت ۾ فاٽا جو انضمام چاهي ٿي، فاٽا جا ماڻهو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پنهنجي پارليامينٽ ۾ سامهون آيا آهن، حڪومت کي خوشي ٿيڻ گهرجي ته ماڻهو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا.