اسلام آباد: (بيورو) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران فاٽا جي سيٽن بابت 26 هين آئيني ترميم جو بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو.اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو ته ان موقعي تي فاٽا مان چونڊيل اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ فاٽا جي سيٽن بابت 26 هين آئيني ترميم جو بل پيش ڪيو.محسن داوڙ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سڀني اتفاق راءِ سان بل کي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بل ۾ تجويز ڪيو ته قومي اسيمبلي ۾ فاٽا جي هاڻوڪيون 12 سيٽون برقرار رکيون وينديون.محسن داوڙ چيو ته تجويز ڪيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ضم ضلعن جون سيٽون چووويهه ڪيون وڃن.