پشا ور (م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فاٽا کي ٻين شعبن جي معيار تي آڻڻ جي لاءِ وافر مقدار ۾ پئسا ڏنا وڃن، فاٽا کي وافر فنڊ ڏنا وڃن جيئن ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگھن، فاٽا جي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ تي سڀ متفق آهيون، پشاور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ريفرنڊم جي ڳالهه ضرور ڪئي هئي پر ان کي قبول نه ڪيو ويو، فاٽا کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ سڀني نقطن سان اتفاق ڪيون ٿا، فاٽا سان ڪيل واعدن تي قائم رهڻ گھرجي، مولانا فضل الرحمان چيو ته فاٽا جا مسئلا ڄاڻڻ جي لاءِ انهن جو اونهائيءَ سان مطالعو ڪرڻو پوندو، قومي مفاد خاطر ڪيتريون ئي ناپسنديده شيون به قبول ڪيون، فاٽا جا ماڻهو اڃا تائين پنهنجي گھرن تائين ناهن پهتا، قانون ۾ فرق رکيو ويو آهي جنهن تي اختلاف آهن.36