فاشزم پکيڙيندڙن کي نظرانداز ڪيو جيڪي ملڪ سان کيڏي رهيا آهن: بلاول

ڪراچي( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فاشزم پکيڙيندڙن کي نظرانداز ڪيو جيڪي ملڪ سان کيڏي رهيا آهن. هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کڏ ۾ پوي توهان جو نظريو، منهنجو هڪ نظريو آهي جيڪو منهنجو پنهنجو نظريو آهي، منهنجو نظريو تبديل نه ٿيندو توهان جو نظريو تبديل ٿيندو رهندو، پڙهو، سوچو ۽ پوءِ ڳالهايو.  هن چيو ته هاڻي زندگي هڪ فاشسٽ اسڪرپٽ ڊرامو آهي، هڪ اهڙو ڊرامو جو توهان ان اسڪرپٽ موجب نه هلندا ته غدار قرار ڏنا ويندا، فاشزم پکيڙيندڙن کي نظرانداز ڪيو جيڪي ملڪ سان کيڏي رهيا آهن.  ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ فائرنگ سبب موتن جي مذمت ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ پي ايس ايل جي ڪاميابي دهشتگردن کان برداشت نه ٿي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *