ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪو ايم اڳواڻ فاروق ستار پارٽي ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته 13 سپٽمبر تي رابطا ڪميٽي کي استعفيٰ ڏني هئي ۽ ذاتي سبب ٻڌائي اڄ انهن سببن جا تفصيل ٻڌائي رهيو آهيان. هن چيو ته هن وقت ايم ڪيو ايم جنهن حالتن مان گذري رهي ان لاءِ ضروري آهي ته رابطا ڪميٽي فوري طور تي تمام ڪارڪنن جي عزت سان 5 فيبروري واري پوزيشن تي بحال ڪري. فاروق ستار جو چوڻ آهي ته 25 جولائي وارين چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۾ 17 سيٽن مان 4 تائين وڃي پهتي. ايندڙ آزمائش مڪاني چونڊون آهن، جيڪڏهن تنظيم کي ورهائڻ ۽ تباهي کان بچائڻو آهي، ان جي ساک ٻيهر بحال ڪرائڻي آهي گڏ ٿيڻو پوندو.