فائنل ۾ شرڪت ڪندڙ پرڏيهي رانديگرن کي ڀليڪار چئون ٿا: خورشيد شاهه

قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته فائنل ميچ ۾ شرڪت ڪندڙ غير ملڪي رانديگرن کي دل جي گهرائي سان ڀليڪار چئون ٿا، رانديگرن پاڪستان اچي دنيا کي امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي، خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل ۾ سمورين ٽيمن جي محنت کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، سڀني ٽيمن محنت بهتر ڪئي هئي، رانديگرن نه صرف دنيا کي امن جو پيغام ڏنو آهي، پر بهترين راند کيڏي عوام جي به دل کٽي ورتي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *