ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ فائر برگيڊ جي حالت خراب آهي، جڏهن ته ڪو وڏو واقعو ٿيو ته شهرين جون جانيون بچائڻ مشڪل ٿي ويندو. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيماختر چيو ته 19 فائر برگيڊ ٽينڊر مرمت لاءِ ڏنا ويا آهن. هن چيو ته سمورن فائر برگيڊ اسٽيشنن ۽ ملازمن جي حالت خراب آهي، فائر برگيڊ ملازمن کي پگهارون به دير سان ملن ٿيون. سندس چوڻ هو ته فائر برگيڊ لاءِ هڪ پائي به بجيٽ ۾ نه رکي وئي آهي، رڳو ٽي اسنارڪلز ڪم ڪرڻ جا قابل آهن. وسيم اختر چيو ته هو فائر برگيڊ بابت مسئل حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته فائر برگيڊ کاتو اسان کي ملڻ کان اڳ زيرو هو، فائر ڊپارٽمينٽ وٽ اوزار موجود ئي نه هئا. سندس چوڻ هو ته سونا آنا ڏيندڙ ڪراچي شهر کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. وسيم اختر چيو ته چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي درخواست آهي ته کاتي کي اوزار خريد ڪري ڏين.