اسلام آباد (بيورو)پاڪستان ڀارتي فورسز طرفان لائن آف ڪنٽرول تي جنگبندي جي ڀڃڪڙين خلاف تي ڀارت جي وقتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو آهي گذريل ڏينهن ايل اوسي جي چري ڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارتي فورسز جي فائرنگ سبب شهري محمد شڪيل شهيد ٿي ويو . پاڪستان فائربندي جي ڀڃڪڙي تي ڀارت جي وقتي ڊپٽي ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايو . پرڏيه ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت هلندڙ سال 1100 ڀيرا ورڪنگ بائونڊري معاهدي جي ڀڇۡري ڪري چڪو آهي .