اسلام آباد: (بيورو) قومي احتساب بيورو نيب غير قانوني ٺيڪن جي ريفرنس ۾ ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي جوابدار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي سلسلي ۾ نيب جي جاچ جاري آهي ۽ جاچ ۾ وڌيڪ شاهديون سامهون اچڻ تي آصف زرداري کي غير قانوني ٺيڪن جي ريفرنس ۾ جوابدار نامزد ڪيو پيو وڃي.نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس جو پنجون هريش ڪمپني کان غيرقانوني ٺيڪن جو ريفرنس عدالت ۾ داخل ڪيو هو جڏهن ته عبوري ريفرنس ۾ اومني گروپ جي عبدالغني مجيد ۽ سيڪريٽري سنڌ حڪومت اعجاز خان کي مرڪزي جوابدار نامزد ڪيو ويو هو.نيب موجب سنڌ سرڪار جي آفيسرن هريش ڪمپني ۽ اومني گروپ کي غير قانوني ٺيڪا ڏنا جڏهن ته اومني گروپ جي سربراهه عبدالغني مجيد پٽ مناهل مجيد جي نالي تي بي نامي پراپرٽي قائم ڪئي. نيب موجب ڊي ايڇ اي ۾ ڪرپشن جي پئسن سان ٺاهيل قيمتي پلاٽ به منجمد ڪيو ويو آهي.نيب موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي انڪوائري ڪئي وئي آهي ۽ مجموعي طور تي 26 انڪوائريز ۽ انويسٽيگيشن جاري آهن جنهن ۾ پنج انڪوائريز ۽ ٽي انويسٽگيشن ۾ آصف زرداري جو ڪردار سامهون آيو آهي.ياد رهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيس جي سلسلي ۾ نيب جي گڏيل انويسٽيگيشن ٽيم(سي آءِ ٽي) جاچ ڪري رهي آهي ۽ ڪيسن بابت ريفرنسز جي ٻڌڻي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.