اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديسي ماڻهو ڪڪڙ ذريعي غربت جي خاتمي جي ڳالهه ڪري ته غلاماڻو ذهن رکندڙ ماڻهو مذاق اڏائيندا آهن. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي وزيراعظم عمران خان پنهنجي مرغيءِ جي فارمولي تي وضاحت ڪندي چيو ته جڏهن ايشيائي ماڻهو پولٽري ذريعي غربت ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ته غلاماڻي ذهنيت رکندڙ ماڻهو سندن مذاق اڏائيندا آهن پر اها ڳالهه اولهه ۾ ڪو ڪري ته ان کي دانشمنداڻي سوچ قرار ڏنو ويندو آهي. ٻئي طرف توانائي واري وزير عمر ايوب وزارت جي ڪارڪردگي جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ ڪندي چيو ته بجلي چوري، لائن لاسز تي ڪنٽرول ڪري توانائي واري وزير کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا، بجلي چوري ٿيڻ لوڊشيڊنگ ۽ مهانگي بجلي جو هڪ اهم سبب آهي.