غزه ۾ جنگبندي لاءِ اڃان تائين پراميد آهيون: ويدانت پٽيل

امريڪا چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ انساني امداد بابت قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي.

امريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل جو چوڻ آهي ته غزه ۾ انساني امداد جي فراهمي بابت اسرائيل ڀڃڪڙي نه پيو ڪري.

سندس چوڻ هو ته اسرائيل پنهنجي شراڪتدارن سان ڳالهيون جاري رکندو پيو وڃي.

ٻئي پاسي حماس اسرائيل جي حق ۾ آمريڪي جي بيان جي مذمت ڪئي آهي.

حماس ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي حق ۾ امريڪي بيان مذمت جوڳو آهي، غزه نسل ڪشي ۾ بائيڊن انتظاميا ۽ اسرائيل ڀائيوار آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *