اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان غربت جي خاتمي لاءِ مضبوط پروگرام آڻينداسين، پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي خواهش رکن ٿا. اسلام آباد ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته وفاق ۾ صحت انصاف ڪارڊ جو نالو سٺو سنوڻ آهي، جڏهن ته ڪي پي ۾ صحت انصاف ڪارڊ پهريون ئي جاري ڪيو ويو آهي. هن چي ته موجوده وسيلا استعمال ڪري بهتري طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، صحت ڪارڊ تحت غريب خاندان ست لک 20 هزار رپيه خرچ ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي خاندان رڳو بيماري سبب غريب ٿي ويندا آهن، غريب خاندان ۾ هڪ بيماري سبب سڀ متاثر ٿيندا آهن، جڏهن ته پنهنجن جي تڪليف جو درد مان چڱي نموني سمجهي سگهان ٿو.