اسلام آباد(بيورو)وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته عورت جي عزت ۽ وقار ان جي حيا آهي ۽ وجود جي نمائش پاڻ عورت جي توهين آهي.وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته مسلمان عورت جو رول ماڊل حضرت فاطمته الزاهرا جي سيرت طيبه ۽ امهات المومنين جهڙيون جليل القدر هستيون آهن، پهرين مسلمان عورت حضرت خديجه الڪبريٰ واپار جي پيشي سان سلهاڙيل هئي. اسلامي تاريخ جو اِهو روشن ڪردار اسان جي مشعل راهه آهي.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وجود جي نمائش پاڻ عورت جي توهين آهي، عورت جي عزت و وقار ان جي حيا آهي، ميڊيا ڪنهن به فورم تي عورت جي تذليل ناقابل قبول رويو آهي، ٽي وي چينلتي پيش آيل واقعو افسوس جوڳو آهي، ميڊيا کي اهڙي حساس معاملن تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.خاص مددگار جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجود حڪومت عورتن جي هر قسم جي استحصال جي خلاف آهي ۽ ان جي آئيني، قانوني، سياسي ۽ سماجي حقن جي لاءِ پرعزم آهي. عورتن جي حق وراثت کان وٺي زينب الرٽ بل جي منظوري تائين قدم عورتن جي حقن جي لاءِ حڪومت جو پختو عزم ۽ سوچ جو واضح اظهار آهي.