ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وومين ڊولپمينٽ کاتي واري وزير سيده شهلا رضا چيو آهي ته عورتن جي حفاظت لاءِ سنڌ حڪومت ڪيترائي دفعا قانون سازي ڪئي آهي جنهن سان عورتون ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. معاشري جي هر طبقي کي اهڙن قانونن تي عمل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.اهڙن خيالن جواظهار هن سنڌ هيومن ڪميشن تحت شائع ٿيڻ واري سالياني رپورٽ پيش ڪرڻ دوران تقريب سان خطاب ڪندي ڪيو. سيده شهلا رضا چيو ته عورتن کي هنرمند ۽ معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ موجوده سنڌ حڪومت پاران وومين اڪنامڪ امپاورمينٽ ڪائونسل ٺاهي آهي جنهن ۾ سول سوسائٽي سميت انڊسٽريز سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سموري صوبي ۾ پاورٽي رڊڪشن پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سان صوبي جي عورتون ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ملڪ ٿيندڙ مهانگائي، بيروزگاري، بجلي، گيس ۽ روز مره جي خريداري جي شين جي اگهن ۾ واڌ پڻ مسئلن جو وڏو سبب آهي. هن چيو ته اڄ جي ٿر جي عورت ڊاڪٽر، انجنيئر، مڊوائف، ڊرائيونگ ۽ ٻين شعبن ۾ صوبي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. سيده شهلا رضا تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته وومين ڊولپمينٽ کاتي پاران سنڌ جي 14 ضلعن ۾ وومين ڪمپلينٽ سيل ڪم ڪري رهيا آهن جتي متاثر ٿيل عورتن کي قانوني مدد ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ پوليس کي پڻ وڌيڪ بهتر قدم کڻڻ گهرجن