شيخوپورا (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عوام کي پنهنجي ووٽ جي حفاظت ڪرڻي پوندي، جيڪو ووٽ ن ليگ جي دٻي ۾ نه ويندو اهو عوام جي ووٽن جي تقدس خلاف ويندو. شيخوپورا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پ پ ۽ تحريڪ انصاف کان سوال ڪيو وڃي ته انهن ڇا ڪيو آهي. ڪراچي ۽ پشاور ۾ روڊ تباهه ٿي ويا آهن، انهن شهرن جي حالت خراب آهي، جڏهن ته شهباز شريف لاهور کي پاڪستان جو خوبصورت ترين شهر بڻايو آهي، مان توهان سان گڏجي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي مثالي ڪم ڪرڻ تي خراج پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن عوام ملڪ ۾ بجلي، پاڻي، تعليم ۽ صحت جون سهولتون چاهي ٿو ته انهن کي ووٽ جي تقدس جي حفاظت ڪرڻي پوندي. نواز شريف پنهنجي هٿ ۾ 10، 50، 100، 1000 ۽ 5000 جا نوٽ لوڏيندي چيو ته ڪير اهو ثابت ڪري ته مان ڪڏهن ايترن پئسن جي به رشوت ورتي هجي، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جي ڏوهه ۾ مون کي وزارت عظميٰ جي عهدي تان هٽايو ويو. سندس چوڻ هو ته مخالف مون کان انتقام وٺڻ چاهين ٿا، کين ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته نواز شريف ڊڄڻ وارو ناهي ۽ نه وري ڪڏهن گهٻرائيندو. جلسي دوران هن “ووٽ کي عزت ڏيو” جا نعرا به هڻايا.27