اسلام آباد(بيوو) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بجلي ۽ گيس جي حوالي سان ماضي جي حڪومتن جي فيصلن جو وزن پاڪستان جي عوام پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي.پنهنجي ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعوڻ چيو ته وزيراعظم جو اسمگلنگ جي خلاف ڪريڪ ڊائون عوامي ريليف جي لاءِ وڏو قدم آهي. قومي معيشت کي اربين روپين جو نقصان پهچائيندڙ اسمگلرن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ناجائز منافعه خوري جي لاءِ قدم کنيا ويندا جنهن سان عوام کي مناسب قيمت تي شيون ملڻ ۾ مدد ملندي. فردوس عاشق اعواڻ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ وڏي پيماني تي ڪارروائي جو فيصلو وزيراعظم پاران قانون تي عمل ڪرڻ واري اعلان جو ثبوت آهي. هي ملڪي معيشت کي اربين روپين جو نقصان کان بچائڻ لاءِ عملي قدم آهي.کائڻ پيئڻ جي شين جي اسمگلنگ قيمتن ۾ واڌ ۽ عوامي تڪليفن ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته بجلي ۽ گيس جي حوالي سان ماضي جي حڪومتن جي فيصلن جو وزن پاڪستان جي عوام پنهنجي ڪلهن تي کنيو.وزيراعظم پيٽرول، ڊيزل ۽ گيس جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو روڊ ميپ جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. عوام جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ ۽ کين رليف ڏيڻ اسان جو بنيادي ڪم آهي.