عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو نه ڏئي سگهياسين: پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جو اعتراف

ڪراچي(م ڊ) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه تقريب سان خطاب ڪندي چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل سان دهشتگردي سان مقابلو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان بار بار چيو پر نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڪالعدم تنظيمون پنجاب ۾ هيون. هن چيو ته ڪالعدم تنظيمن کي ٻين نالن سان ڪم ڪرڻ ڏنو ويو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت آهي. چاهيون ٿا ته اسان اٽو، لٽو ۽ اجهو ته نه ڏئي سگهياسين پر امن ته فراهم ڪيون. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ مزدور جن حالتن مان گذري رهيا آهن اها فڪر جي ڳالهه آهي. خورشيد شاهه چيو ته اسان اهو ئي ڪجهه ڪنداسين جيڪو رياست جي حق ۾ هوندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان اسٽيل خزانو ٺاهڻ لاءِ نه ڏني هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *