لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نوازشريف چيو آهي ته سڄي ملڪ ڏسي ڇڏيو ۽ ٻڌي ڇڏيو ته پارليامينٽ جي خلاف ڪهڙي زبان استعمال ڪئي ويئي ۽ چونڊن ۾ عوام يقيني طور تي اهڙن ماڻهن جو حساب ڪندو مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جبل جهڙيون رنڊڪون پار ڪري ملڪ کي ترقي جي رستي تي آندو آهي هريپور ۽ پشاور ۾ جلسا عوامي رابطا مهم جو حصوآهن اهڙن خيالن جو اظهار هن جاتي امره رائونڊ ۾ ڪارڪنن سان گڏ جمعي جي نماز کان پوءِ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو نوازشريف جو چوڻ هو ڪارڪن اسان جو اثاثو ۽ اصل طااقت آهن اوهان انفرادي ۽ گڏيل طور تي ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻو آهي هن چيو ته مسلم ليگ جي حڪومت ترقي جي ضامن آهي ۽ اسان جي دور ۾ هميشه ترقي جي رفتار وڌي ۽ اڄ به سفر جاري آهي هن چيو ته سڄي ملڪ ڏٺو ۽ ٻڌو ته مال روڊ تي پارليامينٽ جي وقار جي لتاڙ ڪندي ان جي خلاف گٿا لفظ استعمال ڪيا ويا ان تي پوري قوم سخت ردعمل ڏنو آهي ۽ اهڙن ماڻهن جو حساب ٿيڻ گهرجي ۽ يقيني طور تي چونڊن ۾ ماڻهو ايئن ڪندا ان کان اڳ نوازشريف سان پنجاب جي گورنر ملڪ محمد رفيق رجوانا ملاقات ڪئي جنهن ۾ جملي سياسي صورتحال سميت صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي اڳوڻي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي محفل ميلاد جو اهتمام پڻ ڪيو ويو جنهن ۾ محمد نوازشرف پنجاب جو گورنر، رانا ارشد سجاد رباني، فواد، مرزا جاويد سميت ليگي ڪارڪنن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي استحڪام ترقي خوشحالي ۽ بيگم ڪلثوم نواز جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ويئي.