عوام ڄاڻڻ چاهي ٿو ته وزيراعظم جو وزيراعظم طور نوٽيفڪيشن جاري ٿيو يا نه : مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته لڳي ٿو ته حڪومت جعلي نوٽيفڪيشن جاري ڪري رهي آهي، عوام ڄاڻن چاهي ٿو ته وزيراعظم جو وزيراعظم طور نوٽيفڪيشن جاري ٿيو يا نه، وزيراعظم پنهنجو وزيرن ۽ مددگارن جا نوٽيفڪيشن به قوم اڳيان ظاهر ڪري، ڪابينا ۾ بنا نوٽيفڪيشن جيڪي ماڻهو ويهي رهيا آهن انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، جمعي تي هن وڊيو بيان ۾ چيو ته حڪومت جعلي نوٽيفڪيشن جاري ڪري رهي آهي، مريم اورنگزيب چيو ته جيئن حڪومت وٽ جعلي مينڊينٽ آهي، تئين ئي سندس نوٽيفڪيشن آهن، هن چيو ته سڌ سماءَ جو وزير ٽوئيٽ تي ٻڌائي ٿو ته فرخ سليم معيشت جو ترجمان هوندو، مريم اورنگزيب چيو ته اها ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ٻي ٽوئيٽ ۾ چوي ٿو ته فرخ سليم اسان جو ترجمان نه هو، مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت پنهنجن اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل سمورن صلاحڪارن جا نوٽيفڪيشن اڳيان آڻي، هن چيو ته وزيراعظم، پنهنجو، مددگارن جا نوٽيفڪيشن قوم اڳيان آڻي، هن چيو ته ڪالهه هي چوندا ته اسان جو نوٽيفڪيشن ئي جاري ناهي ٿيو ۽ پوءِ ڀڃي ويندا، مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ بنا نوٽيفڪيشن وارا ماڻهو ويهڻ ڇو ٿو ڏئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *