عوام نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي: مريم نواز

لاهور( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته عوام جي وڏي انگ نواز شريف جي نااهلي بابت عدالتي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اين اي 120 ۾ چونڊ مهم دوران ماڊل ٽائون ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته  لاهور جو وڪيلن جو ڪنوينشن تاريخي هو جنهن تي شرڪت ڪندڙن ۽ انتظاميه کي واڌايون پيش ڪيون ٿا، وڪيلن جي ڪنوينشن سان سموري دنيا ۽ خاص طور مخالفن کي مضبوط پيغام ويو، جڏهن ته ڪنوينشن ۾ وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪري اسان کي حوصلو ڏنو آهي. هن چيو ته ڪنوينشن ايترو وڏو هو جو مخالفن کي چوڻو پئجي ويو ته ليگي ڪارڪنن کي ڪارا ڪوٽ پارايا ويا. سندس چوڻ هو ته پٽ کان پگهار کڻڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي جو هڪ سال تائين خاندان جي تذليل ڪئي وئي، جڏهن ته نااهل ان ڳالهه تي ڪيو ويو ته ننڍي پٽ کان پگهار نه ورتي وئي. مريم نواز چيو ته نواز شريف جو نالو نه پاناما ليڪس ڪيس ۾ هو ۽ نه وري مٿس ڪرپشن جو ڪو الزام هو، هڪ ڪيس ۾ 4 ڀيرا فيصلو آيو ۽ هاڻي پنجون ڀيرو فيصلو ايندو. هن چيو ته نواز شريف پاڪستان جي مفاد ۽ ترقي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جيڪڏهن ايترو ئي ڪرپٽ هو ته الزام ثابت ڪيو وڃي ها، اقامي تي نااهلي جو مطلب آهي ته نواز شريف خلاف ڪجهه نه هو، جڏهن ته جي آءِ ٽي جا هيرا به هڪ پائي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيا، سزا ڏيڻ کانپوءِ ڪيس نيب ڏانهن موڪليو ويو آهي. هن چيو ته گهريلو معاملو کولي هڪ خاندان جي تذليل ڪرڻ سپريم ڪورٽ جي شان موجب نه هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *