عوام لاءِ خوشخبري، وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪري ڇڏيو
July 1, 2017 at 7:13 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): وفاقي حڪومت هڪ مهيني لاءِ پيٽرول شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي هدايت تي عمل ڪندي پيٽروليم واري وزارت هڪ مهيني لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڏيڍ رپيو في ليٽر گهٽتائيءَ جو فيصلو ڪيو آهي، قيمتن ۾ گهٽتائي بعد پيٽرول جي نئين قيمت 71 رپيا 30 پئسا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 79 رپيا 90 پئسا في ليٽر هوندي، هن چيو ته لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جون موجوده قيمتون ئي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ هڪ مهيني لاءِ لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمت 44 رپيا برقرار رهندي، ناڻي وزاير جو چوڻ هو ته نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون، جيڪي ايندڙ هڪ مهيني تائين نافذالعمل هونديون.