عوام جي خدمت ئي عبادت آهي جيڪا ڪندا رهنداسين؛ عادل الطاف انڙ
July 4, 2017 at 7:17 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڏوڪري(رپورٽر) عادل الطاف انڙ جون ڏوڪري شهر ۾ مختلف هنڌن تي تعزيتون جاري. عوام جي خدمت ئي عبادت آهي جيڪا ڪندا رهنداسين. عادل الطاف انڙ : خبر موجب: اڳوڻي صوبائي وزير الطاف حسين انڙ جو فرزند عادل الطاف انڙ پاران ڏوڪري شهر جي مختلف محلن ۾ تعزيتون ڪيون. ساڻس گڏ ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين لياقت سومرو ۽ ڪائونسلر گڏ هئا. ان موقعي ڪائونسلر اصغر ميمڻ جي پڦي جي وفات تي جڏهن ته سيد محب علي شاهه جي وفات تي، سومرا محلي جي ڌڻي بخش سومرو جي پٽ جي وفات تي، محمد وريام ڏيرو جي وفات تي پونيئرن گل حسين ڏيرو، صدام ڏيرو، ستار ڏيرو، محمد اعظم سومرو جي امڙ جي وفات تي، ڀائي جان سومرو جي وفات تي ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي انهن سان تعزيتون ڪيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عادل الطاف حسين انڙ چيو ته اسان عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا. ۽ عوام جي خدمت اصل سياست آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي خدمت اسان جو فرض آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ به عوام جي حمايت سان چونڊ وڙهي عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين. ان موقعي تي ڪائونسلر گلشير مل اوڏ، حبيبب الله کوکر، ضمير ڀٽي، وائيس چيئرمين بخشل گلال ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.