عوام جي جان ۽ مال تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو: چيف جسٽس

 اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ غير رجسٽر اسٽنٽن ازخود نوٽيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ۳ رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران اسٽنٽن جي وڪري ۽ خريدڻ بابت لائسنس جاري ڪرڻ واري باڊي ڪنفميٽيو اسسمنٽ باي ڪيب پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته غير معياري اسٽنٽن جي حوالي سان هڪ سمري منظوري جي لاءِ وزير اعظم کي ڏني وئي آهي جنهن جو اڃان تائي جواب نه مليو آهي. عدالت وزيراعظم پاران سمري تي پيش رفت نه ٿيڻ تي ڪاوڙجي پيو ۽ چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم ڇو ڪيب جي سمري ليڪايو ويٺو آهي. عدالت وزيراعظم جي پرسنل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي فوري طور پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڄاڻايل ڪيس بابت سڀ رڪارڊ به عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن. چيف جسٽس چيو ته هڪ هفتي ۾ معاملي کي حل ڪرڻ چاهيون ٿا پر ائين ٿو لڳي حڪومت معاملي کي عدالت مان ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. عوام جي جان و مال جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ٿيندو. سپريم ڪورٽ وزيراعظم جي پرنسل سيڪريٽري فواد حسن کي رڪار سوڌو طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *